محمد عظيم شيدا مولوي

محمد عظيم شيدا، مولوي: محمد عظيم شيدا جو شمار ويهين صديءَ جي عالمن، اديبن، استادن، اڳواڻن، شاعرن، محققن ۽ مفسرن ۾ ٿئي ٿو. سندس جنم 1870ع ڌاري ڳوٺ گل ٻرڙو، تعلقي وارهه ۾ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ فقير لعل بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سنڌي ۽ فارسيءَ جي شروعاتي تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ آخوند فقير محمد کان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ ڳوٺ لڳ مولانا عبدالعزيز خاراني کنڊي واري جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي عربيءَ جي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ شڪارپور ۾ مولانا عبدالغفور همايوني وٽ ۽ ميان جي ڳوٺ ۾ علامه سيد محسن شاهه وٽ ديني تعليم ورتائين. ان بعد جيڪب آباد جي ان وقت جي مشهور عالم مولانا خادم حسين جتوئي، ڀليڏنو آباد واري وٽ چار سال پڙهي دستاربند عالم ٿيو. 1897ع ۾ دارالارشاد پير جهنڊي ۾ داخل ٿيو، جتي وقت جي وڏن عالمن کان علم تفسير، حديث ۽ فقهه کانسواءِ منطق، معاني، حڪمت فلڪيات رياضي، علم عقائد، علم حديث، علم تاريخ، علم عروض ۽ علم طب تي مهارت حاصل ڪيائين. فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ مان لڏي اچي ڳوٺ خداداد خان پٺاڻ ۾ ويٺو، جتان پوءِ وڳڻ ۽ پوءِ يارو ديرو ۽ آخر ۾ 1953ع ڌاري نصيرآباد ۾ قيام ڪري شهر ۾ ديني تعليم جو مدرسو کوليائين ۽ هڪ وڏي اوطاق ٺهرائي مهمانوازي جو هڪ مثالي مرڪز قائم ڪيو، سندس مدرسو هر وقت شاگردن سان ۽ سندس اوطاق سدائين مهمانن سان ڀري پئي هوندي هئي.مولوي محمد عظيم جڏهن پهرين حج تي ويو ته ان وقت هندستان ۾ پليگ ۽ ڪالرا جهڙيون وچڙندڙ بيماريون پکڙيل هيون، جنهن ۾ لکين ماڻهو مري چڪا هئا. جڏهن پنهنجي وفد سان مڪي شريف ۾ پهتو ته ان وقت جي مڪي شريف جي حاڪم، شريف حسين حڪم جاري ڪيو ته “هندستان مان آيل حاجي حرم شريف ۾ صرف هڪ ڏينهن ترسي هليا وڃن، ڇاڪاڻ ته انهن مان بيماري پکڙجڻ جو خطرو آهي.” هن مڪي شريف جي حاڪم جي ان حڪم کي للڪاريو ۽ فتوى جاري ڪئي ته “مڪي جي حڪمران جو اهو حڪم غلط آهي، دنيا جي هر مسلمان کي پنهنجي عقيدي موجب حج ڪرڻ لاءِ جيترا ڏينهن به حرم شريف ۾ رهڻو پوي، اهو رهي سگهي ٿو.” شيدا جي ان فتوى مڪي شريف جي حاڪم کي ڪاوڙائي وڌو، نتيجي ۾ وارنٽ جاري ڪري شيدا صاحب کي سندس درٻار ۾ طلب ڪيو ويو ۽ کيس چيو ته: “هو پنهنجي فتوى واپس وٺي يا سر قلم ڪرائڻ لاءِ تيار ٿئي.” مڪي شريف جي حاڪم جي درٻار ۾ شيدا موقف پيش ڪندي نه رڳو پنهنجي فتوى تي قائم رهيو، پر خليفي کي چيو ته: “هو پنهنجو حڪم واپس وٺي، ٻئي صورت ۾ شيدا مٿس تعزيز جاري ڪندو.” شيدا جي دليلن ۽ دليري سبب مڪي جي حڪمران کي پنهنجو ڏنل حڪم واپس وٺڻو پيو، جنهن کانپوءِ شيدا کي مڪي ۾ شاهي مهمان جو درجو ڏنو ويو.مولوي محمد عظيم شيدا، پير جهنڊي واري دارالارشاد ۾ طالب علميءَ دوران مولانا عبدالله سنڌي جي صحبت ۽ شاگردي ۾ رهيو، جنهن ڪري سندس سوچ ۽ سڀاءَ تي مولانا سنڌي جو نهايت گهرو اثر رهيو. انهيءَ وقت هندستان ۾ هجرت تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ وڏو زور ورتو هو، جنهن ۾ پڻ شيدا ڀرپور حصو ورتو هو. جڏهن مولانا عبدالله سنڌي هجرت ڪري افغانستان وڃي رهيو هو ته شيدا پڻ گڏ ويو هو. سبي پهچڻ کانپوءِ مولانا سنڌيءَ استاد ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ شيدا صاحب کي حڪم ڪيو ته هو واپس وڃي نوان شاگرد پيدا ڪري ۽ سندس سوچ جو ڦهلاءُ ڪري. جنهن کانپوءِ شيدا صاحب سبيءَ مان واپس موٽي آيو. 1924ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو بنياد وڌو ويو ته شيدا صاحب پنهنجي شاگردن سميت سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. مولوي نظير حسين جتوئي عرف نظير حسين جلالي به شيدا صاحب جو شاگرد هئو ۽ هو شيدا صاحب جي اڳواڻي ۾ ئي سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو هو. شيدا صاحب جي تعليمي تحريڪ تي جيڪڏهن نظر وجهجي ته هو پنهنجي علائقي ۾ ان وقت جي مروج تعليمي نظام يعني غريب ٻارن کي رهائڻ، کارائڻ ۽ پڙهائڻ واري سلسلي جو باني هو. شيدا صاحب پنهنجي اباڻي ڳوٺ گل ٻرڙي ۽ نصيرآباد کان سواءِ آسپاس ۾ غريب ٻارڙن جي تعليم لاءِ ڪيترائي مدرسا کوليا هئا، جن ۾ ڳوٺ خداداد خان پٺاڻ لڳ نصيرآباد وارو مدرسو، ‘مائي شاهل’ تعلقي وارهه وارو مدرسو، وڳڻ وارو مدرسو ۽ يارو ديرو وارو مدرسو خاص طور تي شامل هئا. انهن سمورن مدرسن ۾ غريب ۽ پوئتي پيل علائقن جي ٻارن کي ديني ۽ دنيوي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ پڙهندڙ ٻارن جي تعليم کان سواءِ سندن رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست پڻ شيدا صاحب پنهنجي ذاتي زمين ۽ علائقي جي مخير دوستن ۽ زميندارن جي مدد سان ڪندو هو.1937ع ۾ سنڌ ۾ ٿيل پهرين چونڊن کان پوءِ جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو قائم ٿيو، تڏهن سائين جي.ايم سيد ۽ پير الاهي بخش جي تعليمي وزارتن دوران سنڌ جي اسڪولن ۾ انگريزي متعارف ٿي. شيدا صاحب سنڌ جي انهن پهرين عالمن مان هڪ هو، جن سائين جي.ايم سيد ۽ پير الاهي بخش کي خط لکي کين آڇ ڪئي ته سندس مدرسن ۾ به انگريزي پڙهائي وڃي. شيدا صاحب کي عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي مختلف لهجن تي پڻ عبور حاصل هو. مصري لهجي واري عربيءَ ۾ ليڪچر ڏيندو هو ۽ يمن، شام ۽ عراق وارن شاگردن جي مدرسن ۾ جڏهن يمني عربي، شامي عربي ۽ عراقي عربي لهجي ۾ ڳالهائيندو هو ته شاگرد توڙي منتظم اچرج ۾ پئجي ويندا هئا. پاڻ عربي زبان ۾ شاعري پڻ ڪيائين. ساڳي طرح جڏهن ڪو ماڻهو فارسي ڳالهائيندو هو ته پاڻ سندس لهجي مان سڃاڻي چوندا هئا ته هي همراهه اتر افغانستان جو آهي يا کيس ايران جي اتر ۽ اڀرندي علائقي جو رهواسي سمجهندا هئا. محمد عظيم شيدا کي شاعريءَ سان خاص شغف هو، تنهنڪري سندس لائبريري ۾ سنڌيءَ کانسواءِ عربي جي امراءُ القيس کان ابن زيدون تائين ۽ فارسي جي مشهور شاعرن جهڙوڪ، فردوسي، شيرازي، رومي، رودڪي، خيام ۽ جامي جهڙن شاعرن جا بياض ۽ مجموعا وڏي تعداد ۾ پيل هوندا هئا. پاڻ شاگردن کي درس ڏيڻ وقت ذاتي ڪچهرين توڙي مشاعرن ۾ سنڌيءَ سان گڏ عربي ۽ فارسي شعر برزبان پڙهندو هو ۽ مشاعرا پڻ منعقد ڪرائيندو هو. سنڌ جي ان وقت جي مشهور شاعرن سان سندس نهايت ويجهڙائپ هئي. طارق نجفي ۽ دادن فقير جهڙا شاعر سندس اوطاق ۽ محفل جا مستقل مهمان هوندا هئا.
مولوي شيدا کي سنڌي ۽ هندي راڳ سان گڏ عربي راڳ جي به تفصيلي ڄاڻ هئي. قرئت ۽ آذان ٻڌڻ شرط پاڻ چوندا هئا ته ان آواز جو مالڪ عربي موسيقي جي ڪهڙي سـُر ۾ ڳائي يا ڳالهائي رهيو آهي. موسيقي سان لڳاءُ جي ڪري سندن اوطاق تي استاد فدا حسين گوالياري، خورشيد علي خان ۽ استاد منظور علي خان پڻ ڪيتريون ئي محفلون سنگاريون. وقت جا عالم، شيخ ۽ اڪابر، جيڪي شيدا صاحب جي محبت ۽ صحبت ۾ ساڻن رهاڻيون رچائڻ ايندا هئا، انهن ۾ مولوي عبدالڪريم ٻير وارو، مولانا محمد قاسم مشوري، مولانا غلام مصطفى قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پير نجيع الله شاهه راشدي وڳڻ وارو، هدايت الله تارڪ نجفي، مولوي دوست محمد بلبل سنڌ، مولوي در محمد خاڪ، مولوي فقير محمد کوکر، مولوي غلام حسين تنيو لوٺيءَ وارو، مولوي هدايت الله تنيو، پروفيسر غلام حيدر چنو، سيد بشير شاهه، سيد محمد شاهه موندر لاکا وارو ۽ پروفيسر عبدالمنان چانڊيو وغيره شامل هئا. هي جميعت العلماءَ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر ۽ جميعت العلماءَ هند جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو سرگرم ميمبر پڻ رهيو. شيدا پنهنجي دور جو هڪ ناميارو حڪيم به هو. سندس حڪمت جي مڃتا نه رڳو علائقي ۾ هئي، پر پنجاب ۽ بلوچستان جا ناميارا ماڻهو به وٽس علاج لاءِ ايندا هئا يا کيس دعوت ڏئي گهرائيندا هئا. پنهنجي حڪمت ۽ شرافت سبب هو نواب غيبي خان چانڊيي ۽ نواب يوسف مگسي جو خانداني حڪيم پڻ هو. سندس حڪمت جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ نواب آف بهاولپور کيس ڪيترائي ڀيرا دعوت ڏئي بهاولپور گهرايو هو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سان سندن ياراڻو هو، جيڪو وٽس پنهنجي پٽن سميت ايندو ويندو هو. شيدا صاحب ايران، عراق، يمن، شام ۽ مصر کي به چڱي طرح گهمي ڏٺو هو. عجائبات به تفصيل ۽ توجهه سان ڏٺا هئائون. پاڻ ٽي حج به ڪيائين، حضرت علي عليه السلام جي روضي جي زيارت لاءِ نجف اشرف گهڻو ويندو هو. شيدا پنهنجي علم ۽ قلم جي ڦوهه جوانيءَ ۾ پيغمبر اسلام حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جن جي زندگي مبارڪ تي ’سيرت مصطفى‘ ڪتاب به لکيو. 1980ع ۾ صدارتي اوارڊ ۽ 10 هزار روپيا انعام به مليو. سيرت مصطفى سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٽي ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. مولوي محمد عظيم شيدا جي فرزند ۽ نامياري وڪيل منصور الحق سولنگيءَ جي ڪوششن سان 2013ع ۾ نامياري محقق ۽ عالم ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ ان ڪتاب سيرت مصطفى جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. جڏهن ته ان ڪتاب جي اردو ۽ فارسي ترجمي تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. سنڌ جو هي يگانو عالم، استاد، اديب، اڳواڻ، حڪيم، شاعر ۽ مفسر 1988ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه جامع مسجد صديقه، نصيرآباد ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو